اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان ايراني سرحد کان دهشتگردي جي حملي جي شديد مذمت ڪندي اميد جو اظهار ڪيو آهي ته ايران ذميوارن خلاف ڪارروائي ڪندو، پرڏيهي آفيس جي ترجمان مطالبو ڪيو آهي ته ڀارت اهڙو ماحول پيدا ڪري جنهن سان واضح ٿئي ته اهو دهشتگردي ۾ ملوث ناهي، پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ هفتيوار بريفنگ دوران ايراني سرحد کان سيڪيورٽي فورسز جي جوانن تي دهشتگرد حملي جي شديد مذمت ڪندي چيو آهي ته دهشتگردن ايران جي سرزمين استعمال ڪئي، اميد آهي ته ايران ذميوار عنصرن خلاف ڪارروائي ڪندو، پاڪستان پنهنجي سرزمين ايران جي خلاف استعمال ٿيڻ نه ڏيندو، ايران به پاڪستان خلاف پنهنجي سرزمين دهشتگردي جي لاءِ استعمال ٿيڻ نه ڏئي، هن مطالبو ڪيو ته ڀارت اهڙو ماحول پيدا ڪري جنهن مان واضح ٿئي ته اهو دهشتگردي ۾ ملوث ناهي، پاڪستان ڀارت پاران ڪشمير ۾ ٿيندڙ ظلمن جي هر سطح تي مذمت ڪري ٿو، هن چيو ته اڄ کان خنجراب بارڊر چين ۾ اسپرنگ فيسٽيول جي لاءِ کوليو ويندو، چين عارضي طور تي خنجراب سرحد کولڻ تي راضي ٿي ويو، مقامي واپارين کي سهولت ڏيڻ لاءِ بارڊر کوليو ويو، هن چيو ته پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري 25 جنوري کان تاشقند جو ٻن ڏينهن جو دورو ڪندو.