ڪراچي: مڪاني چونڊن ۾ ڌانڌلي خلاف جماعت اسلامي ۽ پي ٽي آءِ جون ٻيهر پولنگ ڪرائڻ واريون درخواستون رد، عدالت ڌرين کي لاڳاپيل فورم سان رابطو ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي، يوسي 7 گلشن اقبال ۽ بلديه ٽائون جي ٽن يوسيز جا نتيجا تبديل ڪرڻ خلاف جماعت اسلامي ۽ پي ٽي آءِ پاران هاءِ ڪورٽ ۾ الڳ الڳ درخواستون داخل ڪيون ويون، ٻڌڻي دوران جماعت اسلامي جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته غلام مصطفيٰ کي ڌانڌلي ذريعي هارايو ويو آهي، پ پ اميدوار سڪندر حسن جي مائٽ کي پرزائيڊنگ آفيسر مقرر ڪيو ويو، جنهن اسان جي اميدوار کي ڌانڌلي ذريعي شڪست ڏني، ان موقعي تي پي ٽي آءِ جي وڪيل چيو ته يوسي  4، 5 ۽ 8 جا نتيجا تبديل ڪيا ويا آهن، عدالت درخواستگذارن کي لاڳاپيل فورم سان رابطو ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.