ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي 55 کاتن ۾ 90 هزار مقرريون روڪرائڻ لاءِ ايم ڪيو ايم عدالت پهچي وئي، عدالت ٻڌڻي 16 فيبروري تي مقرر ڪري ڇڏي، سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ سنڌ جي 55 کاتن ۾ آءِ بي اي سکر جي ٽيسٽ ذريعي 90 ھزار مقرريون ڪرڻ خلاف ايم ڪيو ايم جي سينيٽر خالده اطيب ۽ ٻين جي درخواستن جي ٻڌڻي دوران ايڊوڪيٽ طارق منصور پيش ٿيو، جسٽس جنيد غفار طارق منصور کان پڇاڻو ڪندي چيو ته پٽيشن جي جلد ٻڌڻي ڇو ڪئي وڃي؟ جنهن تي طارق منصور چيو ته 90 هزار ڀرتين لاءِ ٽيسٽ ٿي رھي آھي، جنهن کي فوري طور روڪيو وڃي، عدالت پڇاڻو ڪيو ته توھان انهي درخواست ۾  ڇا آھيو؟ طارق منصور چيو ته درخواست گذار سينيٽر آھي، جنهن تي جسٽس جنيد غفار چيو ته توھان انهي ٽيسٽ مان ڪيئن متاثر ٿي سگھو ٿا؟ وڪيل چيو ته درخواست گذار عوامي نمائندي طور غير قانوني ڀرتين جي طريقيڪار کي چيلنج ڪيو آھي، جيڪو سندس حق اٿس، جسٽس جنيد غفار چيو ته فوري ٻڌڻي جي درخواست منظور ڪري 16 فيبروري جي تاريخ مقرر ڪيون ٿا، طارق منصور چيو ته 16 فيبروري تائين ته آءِ بي اي  ٽيسٽ مڪمل ٿي ويندي ، عدالت چيو ته جيڪڏھن  آٰ بي اي ٽيسٽ جو طريقيڪار غير قانوني ھوندو ته ٽيسٽ کي ڪالعدم قرار ڏنو ويندو، عدالت ٻڌڻي 16 فيبروري تي  مقرر ڪئي آهي.