لاهور(م ڊ) پي ٽي آءِ اڳواڻ فرخ حبيب دعويٰ ڪئي آهي ته پي ٽي آءِ جي ٻن ٽڪيٽ هولڊرز جا گهر ڊاهي پٽ ڪيا پيا وڃن ۽ اهو انتقامي ڪارروائي طور ڪيو پيو وڃي. هن پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته اوڪاڙا ۾ اسان جي ٻن ٽڪيٽ هولڊرز مان هڪ جي گهر کي ڪيرايو پيو وڃي ٻئي جي ڪاروبار کي تباهه ڪيو پيو وڃي کين چيو پيو وڃي ته پي ٽي آءِ کي ڇڏي ڏيو ته انتقامي ڪارروائي بند ڪئي ويندي. هن چيو ته جڏهن عمران خان جو مقابلو چونڊن جي ميدان ۾ نه ڪري سگهيا ته ظلم ۽ بربريت تي لهي آيا آهن. آئين ۽ قانون کي پيرن هيٺان لتاڙيو پيو وڃي جمهوريت کي بي آبرو ڪيو ويو آهي.