اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پبلڪ اڪائونٽس ڪاميٽي جي اجلاس ۾ اين ايچ اي پاران ٺيڪيدارن کي ڏيڍ ارب جي رقم بطور ايڊوانس ڏيڻ جو انڪشاف ٿيو،پبلڪ اڪائونٽ ڪاميٽي نيشنل هاءِ ويز ۽ موٽروي پوليس جون پگهارون وڌائڻ جي سفارش ڪري ڇڏي، پبلڪ اڪائونٽ ڪاميٽي جو اجلاس چيئرمين نور عالم خان جي صدارت ۾ ٿيو،  آڊٽ اختيارين پبلڪ اڪائونٽ ڪاميٽي کي ٻڌايو ته اها رقم 9 مختلف منصوبن لاءِ ضابطن جي ابتڙ ڏني وئي آهي، ٺيڪيدارن کي ڄاڻي واڻي مالي فائدو پهچائڻ لاءِ رقم ڏني وئي، نيشنل هاءِ وي اٿارٽي جو موقف آهي ته ٺيڪيدارن کي بينڪ گارنٽي طور مشروط ايڊوانس جاري ڪئي وئي، سيڪريٽري مواصلات ٻڌايو ته حڪومت کي ڪوبه مالي نقصان ناهي ٿيو، پبلڪ اڪائونٽ ڪاميٽي آڊٽ پيرا اڪلائي ڇڏي ۽ اين ايچ اي کي قاعدن ۽ ضابطن تي عمل جي هدايت ڪئي. اجلاس ۾ نيشنل هاءِ ويز اٿارٽي، مواصلات وزارت جي آڊٽ رپورٽ تي غور ڪيو ويو، آڊٽ رپورٽ 2019-20ع جي مطابق اين ايچ اي ۾ 3 ارب 97 ڪروڙ رپين جون بي ضابطگيون ٿيون، اين 50 زون مغل ڪوث کان ڪلي خدائي نذر جي اپ گريڊيشن منصوبي ۾ هڪ ارب 4 ڪروڙ رپين جون بي ضابطگيون ٿيون، آڊٽ رپورٽ مطابق انجنيئرن جي ناقص منصوبابند جي ڪري ڪنٽريڪٽر فائدو ورتو، پي اي سي پشاور ۽ سيالڪوٽ موٽرويز جي خراب حالت جو نوٽيس وٺي ڇڏيو، نور عالم خان مواصلات وزارت کي انڪوائري جي هدايت ڪري ڇڏي، نور عالم خان چيو ته پشاور موٽرويز هاڻي کان ئي ويهڻ شروع ٿي ويو ڪورين ڪمپني لاهور موٽروي ٺاهيو جيڪو 15 سال هليو، پشاور موٽروي گاڏين جي ٽائرن سان ڪجهه مهينن ۾ ئي ويهڻ شروع ٿي ويو، پي اي سي ميمبرن سيالڪوٽ موٽروي جي معيار تي به سوال اٿاريندي چيو ته سيالڪوٽ موٽروي جي حالت به خراب آهي، نور عالم خان چيو ته اسان ٽول ٽيڪس ڏئي موٽروي تي سفر ڪيون ٿا، ٽيڪس ڏيندڙن جو پيسو لڳو آهي، پي اي سي موٽرويز تي لوڊمينيجمينٽ به بهتر بنائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي، آڊٽ اختيارين ٻڌايو ته ملتان- سکر موٽروي جي تعمير ۾ چيني ڪنٽريڪٽر کي 30 ڪروڙ جو فائدو پهچايو ويو، معاهدي تي عمل درآمد نه ڪرائڻ سان 30 ڪروڙ 90 لک رپيا اضافي ادا ڪيا ويا، پي اي سي 15 ڏينهن اندر ذميوارن جو تعين ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي، مواصلات سيڪريٽري خاطري ڪرائي ته چيني ڪمپني کان رڪوري ڪئي ويندي، اجلاس دوران آءِ جي موٽروي سلطان خواجا پي اي سي کي بريفنگ ۾ پگهارن ۾ اضافي ۽ شهداءَ پيڪيج تي عملدرآمد جو مطالبو ڪري ڇڏيو، آءِ جي موٽروي چيو ته قانون جي پابندي کي يقيني بنائڻ جي لاءِ ڏنڊ جي رقم به وڌائڻي پوندي، نور عالم خان چيو ته فوج هجي، رينجرز، ايف سي يا موٽروي پوليس، شهيدن تي ڪوئي سمجهوتو نه ڪيو ويندو، شهيدن جي خاندان کي پگهار به ملڻ گهرجي ۽ ٻارن جي تعليم به مفت هجڻ گهرجي، ڪاميٽي چيئرمين مواصلات سيڪريٽري کي پگهارن ۾ واڌ جي سمري تيار ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي، ڪاميٽي هدايت ڪئي ته موٽروي پوليس جي شهيدن جي وارثن کي پگهار ان وقت تائين ڏني وڃي جيستائين اوالد 18 سالن جي نه ٿئي، آءِ جي موٽروي چيوته موٽرو پوليس قائم ٿيڻ وقت هڪ اضافي بنيادي پگهار ڏني ويندي، اضافي بنيادي پگهار ختم ڪئي وئي آهي، موٽروي پوليس اهلڪارن جي پگهارن تمام صوبائي پوليس اهلڪارن کان گهٽ آهي، شهيدن جي خاندانن کي مالي معاونت جو اعلان ڪيو ويو هو جنهن تي عملدرآمد اڄ تائين نه ٿيو آهي.