اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پي ٽي آءِ اڳواڻن جي پارٽي ڇڏڻ تي بابر اعواڻ دلچسپ ردعمل ڏنو آهي، بابر اعواڻ چيو آهي ته آئون اهو چوندس ته جيڪي ماڻهو پارٽي ڇڏي رهيا آهن اهي ڊيپوٽيشن تي آيا هئا ، عدالت ۾ پيشي بعد صحافين سان ڳالهائيندي پي ٽي آءِ جي وڪيل چيو ته پارٽي ڇڏي ويندڙ هاڻ ڪابينا ڊويزن ۾ واپس رپورٽ ڪري رهيا آهن، هن چيو ته عمران سان گڏ آهيون ڇڏڻ وارا ناهيون، موجوده حڪومت عمران خان جو هڪ ووٽ به نٿي کسي سگهي.