اوٻاوڙو (رپورٽ: نذير احمد ٿهيم) اوٻاوڙو ويجهو ميرخان پيٽرول پمپ وٽ نيشنل هاءِ وي تي گھوٽڪيءَ جي رھواسي خاندان سان روڊ حادثو، تيز رفتار ٽرالر جي موٽر سائيڪل کي ٽڪر جي نتيجي ۾ 2 عورتون فوت، موٽرسائيڪل ھلائيندڙ نوجوان ۽ ٽن ورھين جو معصوم ٻارڙو معجزاڻي طور بچي ويا. خبر موجب گهوٽڪي واسي گهرڀاتي مائٽن سان ملڻ لاءِ اوٻاوڙو ايندي نيشنل ھاءِ وي تي حادثي جو شڪار ٿي ويا. روڊ ڪراس ڪندي موٽرسائيڪل کي تيز رفتار ٽرالر جو زوردار ٽڪر لڳڻ جي نتيجي ۾ موٽرسائيڪل سوار ٻه ڀينرون مائي چنڻ لولائي ۽ مائي جمل لولائي موقعي تي چيڀاٽجي فوت ٿي ويون. موٽر سائيڪل هلائيندڙ افضل لولائي ۽ ٽن ورھين جو ٻارڙو معجزاڻي طور بچي ويا. حادثي جي خبر پوڻ تي سوين شهري گڏ ٿي ويا. موٽروي پوليس واقعي واري ھنڌ پهچي ٻنھي فوتي عورتن جا لاش تعلقي اسپتال پھچايا جتي ليڊي ڊاڪٽر نه هجڻ ڪري پوسٽ مارٽم لاءِ لاش ڏھرڪي اسپتال نيا ويا. ضروري ڪاروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيا ويا. ھوڏانھن اوٻاوڙو  پوليس ٽرالر ڊرائيور کي گرفتار ڪري ٽرالر کي پنهنجي تحويل ۾  وٺي ڇڏيو آهي.