ڪنڊيارو(ن پ ا) ڪنڊيارو ۾ مختيار ڪار آفيس اڳيان برسات متاثر عورتن پاران ڌرڻو هنيو ويو، ان موقعي تي شھيد ڀٽو جي ظفر کوسه، ڪامريڊ فرحان کوسه ۽ ٻين دانهيندي چيو ته انتظاميه طرفان برسات متاثرن لاءِ  آيل سامان من پسندن ۾ ورهايو ويو آهي، حقيقي برسات متاثر بي يارو مددگار ويٺل آهن، اڃا تائين برساتي پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو آهي، هنن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي مسئلا حل ڪيا وڃن.