ڄام نوازعلي (ن پ ا) ڄام نوازعلي تعلقي ۾ تعليم کاتي ۾ ڀرتي ٿيل نون استادن کي پگهارون نه ملي سگهيون، ٻي طرف هاء اسڪول ۾ مقرر استاد  قادر بخش مهر آدم شماري ڪرڻ لاء  گڏهه تي چڙهي انوکو احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي هن دانهيندي چيو ته ڊجيٽل آدم شماري ۾ ڊيوٽيون ته لڳايو پر ڪنهن به قسم جي سهولت ناهي ڏني وئي،  مهانگائي جي دور ۾ اسان کي اڃا تائين پگهارون به نه مليون آهن، اسان بنا ماوضي پنهنجي خرچ تي گاڏين ۾ تيل ڀرائي آدم شماري ڪري رهيا آهيون، هاڻي ايترو خرچ نه آهي جو گاڏين ۾ تيل ڀرائي سگهون،  مجبور ٿي گڏھ تي چڙهي قومي فرض ادا ڪري رهيا آهيون.