اوٻاوڙو (ن پ ا) اوٻاوڙو جي جيئند ڪالوني جو نوجوان ظھور احمد پٽ نواب شيخ پنج ڏينهن اڳ پراسرار نموني گم ٿي ويو هو. وارثن اغوا ڄاڻائيندي پاڪ ڪتاب کڻي احتجاج ڪيو، اھڙي خبر ٽائيم نيوز تي ھلڻ بعد نامعلوم ماڻهو اوٻاوڙو نيشنل ھاءِ وي ڀرسان اڇلائي ويا، نوجوان وڏي ڪوششن بعد اکين تي ٻڌل ڪپڙو کولي وارثن وٽ پھتو. نوجوان ٻڌايو ته گهر جو سامان وٺڻ شهر وڃي رھيو ھيس ته محمد نواز رند ۽ شھزادو رند موٽرسائيڪل تي اچي چاڪو ڏيکاري کڻي ويا، ڪوٺي ۾ بند ڪري تشدد ڪري زيادتي ڪندا ھئا. هن چيو ته جوابدارن ڌمڪايو ته ڪنهن کي اسان لاءِ ٻڌايو ته پوءِ به اسان کان بچي نه سگهندين. نوجوان جي پيءُ نواب شيخ ۽ ڀاءُ عبدالخالق شيخ مطالبو ڪيو ته تحفظ ڏنو وڃي.