شادي لارج (ن پ ا) شادي لارج ويجهو ٿرڪول روڊ ۾ کڏا پئجي ويا، ڪروڙين رپين جي لاڳت سان ٿرڪول باءِ باس روڊ ھنڌان ھنڌان اکڙي ويو، انتظاميا خاموش تماشائي بڻيل. خبر موجب ٿرڪول روڊ تان ھيوي مشينري گذرڻ سبب ڇھن مھينن اندر روڊ ٽٽي تباهه ٿيڻ لڳو. رھواسين حيدر شيخ، راشد چانڊيو، امان ڀوت ۽ ٻين لاڳاپيل اختيارين جو ڌيان ڇڪائيندي چيو ته روڊ جي فوري طور مرمت ڪرائي وڃي ته جيئن ڪنهن به امڪاني حادثي کان بچي سگهجي.