مسوڀرڳڙي (ن پ ا) مسوڀرڳڙي ڀرسان ڳوٺ الھه رکيو سولنگي ۾ ڪامريڊ رحمت الله سولنگي جي ميزباني هيٽ ڪامريڊ لينن جي 151 سالگرهه ملهائي وئي جنهن ۾ جان خاصخيلي, الطاف مهيسر, نثارلغاري لينن جي شخصيت تي ڳالهائيندي ڪندي چيو ته لينن جيڪو سماج قائم ڪرڻ چاهيو اهو نيٺ قائم ٿيندو سرمائيداري جمهوريت قائم ڪرڻ ۾ به مڪمل طرح ناڪام وئي آھي دنيا ۾ امن فقط سوشلزم ۽ لينن جي رستي ممڪن آھي. هنن چيو ته لينن اھو پھريون عظيم ماڻھو ھيو جنھن مارڪس جي نظرئي کي عملي شڪل ڏئي ھن ڌرتي تي مزدورن جي اڳواڻي ۾ سوشلسٽ حڪومت قائم ڪئي. لينن 20 صدي جو تمام وڏو ماڻھو ھو جيڪو انساني تھذيب کي اڳتي وڌايو، سموري دنيا جون مظلوم قومون ۽ پيڙھيل طبقا لينن جي نظرياتي لائين کي اڳتي وڌائي ئي غلامي جو طوق لاھي سگھن ٿا.






























