چوھڙجمالي (ن پ ا) چوھڙجمالي- شاھ يقيق روڊ تي ٽرڪ ۽ مزدا ۾ ٽڪر، ھڪ ڄڻو زخمي، ڪلٽي ٿيل ٽرڪ مان گٽڪي ۾ استعمال ٿيندڙ سوپاريءَ چورو ھٿ. خبر موجب چوھڙجمالي- شاھ يقيق روڊ جاڙا واٽر اسٽاپ وٽ تيز رفتار ٽرڪ ۽ مزدا ۾ زوردار ٽڪر ٿي پيو. نتيجي ۾ مزدا ڊرائيور شاھي خان پٺاڻ سخت زخمي ٿي پيو، جنھن کي ڪراچي اسپتال نيو ويو. ڪجهه دير بعد ڳجهي اطلاع تي پوليس موقعي تي پهچي ٽرڪ جي ڳجھن خانن مان گٽڪن ۾ استعمال ٿيندڙ سوپاريءَ جا 30 ڪلو وزني 42 ڪٽا ھٿ ڪري ورتا. ٽرڪ کي پوليس ٽرڪ کي پنھنجي تحويل ۾وٺي ڇڏيو آهي. ٻئي طرف چوٻول آهن ته ٽرڪ مان گٽڪي جا 100 ڪٽا آيا، جن مان 58 ڪٽا پوليس غائب ڪري ڇڏيا. واقعي بعد ميڊيا ٽيم موقعي تي پھتي ته ڊي ايس پي سجاول گل عباس پٺاڻ صحافين کي ڪوريج کان روڪڻ جي ڪوشش ڪندو رھيو. ايس ايچ او چوھڙ جمالي حامد اوٺي چيو ته معاملي جي جانچ مڪمل ٿيڻ بعد ڪيس داخل ڪيو ويندو.