ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ نااهلي جي مدي کي تاحيات مان گهٽائي پنج سال ڪرڻ تي وفاقي حڪومت جي وڪيل کان اليڪشن ايڪٽ 2023ع ۽ سپريم ڪورٽ جي فيصلن جي روشني ۾ راءِ طلب ڪري ورتي، ڪالهه ٻڌڻي دوران درخواست گذار ٻڌايو ته آئين ۾ ڪا به نئين شيءِ شامل يا ختم نٿي ڪري سگهجي، اليڪشن ايڪٽ جو سيڪشن 232 آئين سان ٽڪراءُ ۾ آهي، اليڪشن ايڪٽ ۾ اها ترميم هڪ خاص شخص کي فائدو ڏيڻ لاءِ ڪئي وئي آهي، سپريم ڪورٽ نواز شريف کي تاحيات نااهل قرار ڏنو ھو، ترميم ذريعي نااهلي جي مدت گهٽائي 5 سال ڪئي وئي، جنھن تي چيف جسٽس چيو ته ڇا پارليامينٽ کي قانون سازي جو اختيار ناهي؟ جيڪڏهن سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي ڀڃڪڙي ڪئي وئي آهي ته سپريم ڪورٽ سان رابطو ڪيو وڃي،  جيڪي پهريان نااهل هئا يا جن کي فائدو ٿيو آهي، انهن کي به درخواست ۾ ڌر بڻايو وڃي، جنهن تي درخواستگذار چيو ته آئين جي آرٽيڪل 199 تحت اليڪشن ايڪٽ ۾ ترميم ٿي سگهي ٿي، سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي عملدرآمد ٿي سگهي ٿو، هن وڌيڪ  چيو ته ھي 24 ڪروڙ عوام جي بنيادي حقن جو مسئلو آهي، جنهن تي چيف جسٽس چيو ته 40 ڪروڙ عوام جو اهڙي ڪيس سان ڪو به تعلق ناهي، جيڪڏهن اهڙن ڪيسن جي ٻڌڻي شروع ٿي ته 5 لک وڌيڪ ڪيس سامهون اچي ويندا، اسان هوا ۾ تير هڻڻ لاءِ نه ويٺا آهيون، پارليامينٽ کي قانون سازي جو اختيار آهي، عدالت وفاقي سرڪار جي وڪيل کان اليڪشن ايڪٽ 2023 ۽ سپريم ڪورٽ جي فيصلن جي روشني ۾ راءِ طلب ڪري ورتي. عدالت درخواستگذار کي سپريم ڪورٽ جي فيصلن ۽ اليڪشن ايڪٽ تي تياري ڪري پيش ٿيڻ جي هدايت ڪندي ٻڌڻي 28 مئي تائين ملتوي ڪري ڇڏي .