اسلام آباد (م ڊ) بجليءَ جي ورڇ ڪندڙ ڪمپنين واهپيدارن کان 51 ارب رپين کان وڌيڪ رقم اوڳاڙڻ جي درخواست ڪري ڇڏي. درخواست هلندڙ مالي سال جي ٽئين ٽه ماهي ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ ڪئي وئي آهي. ڪمپنين، ڪيپسيٽي چارجز جي مد ۾ 31 ارب 34 ڪروڙ رُپيا وصول ڪرڻ جي درخواست ڪئي آهي جڏهن ته آپريشنز اينڊ مينٽيننس جي مد ۾ 5 ارب 57 ڪروڙ رُپيا گهريا ويا آهن. بجلي مهانگي ٿيڻ جي صورت ۾ واڌو اگهه ڪي اليڪٽرڪ واهپيدارن تي پڻ لاڳو ٿيندا، ان حوالي نيپرا 17 مئي تي ٻڌڻي ڪندي.