اوٻاوڙو ( ن پ ا) اوٻاوڙو ڀرسان چوڪ ماڙي ۾ خيرات تي صادق آباد پنجاب کان مهمان ٿي آيل شادي شده  19 ورهين جي ناري صبا موساڻي کي 2 جوابدارن پاران ميبنا طور تشدد ڪري لڄالٽ جو نشانو بڻائڻ بعد ناري کي بيهوشي واري حالت ۾ ڪمري ۾ بند ڪري فرار ٿي ويا، جنهن بعد ناري جي وارثن پاران اوٻاوڙو ٿاڻي تي اين سي داخل ڪرائي ڇڏي، جتي پوليس پاران ناري جي وارثن کي ميڍيڪل ليٽر ڏئي تعلقي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي اسپتال اندر ليڊي ڊاڪٽرياڻي نه هجڻ ڪري ناري کي ميڊيڪل چيڪ اپ لاءِ ڏهرڪي جي اسپتال ڏانهن منتقل ڪيو ويو، ان موقعي تي متاثر ناري جي وارث منير موساڻي ٻڌايو ته گذريل ڏينهن ويجهي مائٽ جي چاليھي جي خيرات تي اسين صادق آباد کان مهمان ٿي آيا هئاسين، جتي 2 جوابدارن محمّد نواز عرف خيرو ۽ نادر رند پاران ناري صبا ۽ سندس مڙس کي چانھه جي دعوت تي پنهنجي گهر وٺي ويا، جتي جوابدارن ناري جي مڙس کي بوتل پيارڻ بهاني هوٽل تي وٺي ويا، جنهن بعد  ٻنهي جوابدارن ناري صبا  کي  تشدد ڪرڻ بعد زيادتي جو نشانو بڻائڻ بعد کيس ڪمري ۾ بند ڪري ڇڏيو، متاثر ناري جي وارث وس وارن کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪري انصاف ڪيو وڃي.