جهنڊومري(ن پ ا)  جھنڊي مري ڀرسان نوجوان پورهيت ٿريشر ۾ ڦاسي فوت  ٿي ويو. ان ڏس ۾ پيارو لنڊ لڳ بابر قائمخاني جي زرعي زمين تي برسيم جو ٻيجارو ٿريشر تي صاف ڪيو پئي ويو ته مزدوري ڪندڙ  20ورهين غلام نبي مستوئي پٽ ڪالوخان مستوئي  جا ٿريشر جي شافٽ ۾ ڪپڙا ڦاسي پيا. شافٽ ۾ وچڙڻ سبب هو سخت زخمي ٿي پيو جنهن کي نازڪ حالت ۾ سول اسپتال ٽنڊوالهيار نيو پئي ويو، جتي غلام نبي زخمن جا سور نه سهندي رستي ۾ دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو. ضروري ڪاروائي بعد لاش  وارثن حوالي ڪيو ويو مڙھ گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو فوتي جي  پيء کي بيهوشي جا بار بار دورا پوڻ لڳا.