ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ حددخلين جي آڙ ۾ ليز ٿيل گهر ڊاهڻ خلاف درخواست تي حددخلين بابت سپريم ڪورٽ جي حڪم نامي جي وضاحت لاءِ ڪراچي جي ڪمشنر ۽ سنڌ حڪومت کي سپريم ڪورٽ سان رابطو ڪرڻ جي هدايت ڪندي سپريم ڪورٽ جي حڪم جي تشريح ۽ وضاحت سامهون نه اچڻ تائين ليز ٿيل گهرن خلاف آپريشن روڪڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. عدالت اورنگي ۽ گجر نالي تي به ليز ٿيل گهر 17 مئي تائين نه ڊاهڻ جو حڪم ڏنو آهي. ڪالهه عدالت عملدارن کي مخاطب ٿيندي چيو ته سپريم ڪورٽ ليز ٿيل گهر ڊاهڻ جو حڪم ڏنو هو يا حددخلين جي خاتمي جو حڪم ڏنو هو؟ عدالت چيو ته اسانجو الميو اهو رهيو آهي ته هڪ حڪومت اچي ماڻهن کي غير قانوني طور تي آباد ڪندي آهي، ماڻهن کي ليز ڏيندي آهي، ساڳئي حڪومت جڏهن ٻيهر اقتدار ۾ ايندي آهي ته ليز ڪينسل ڪري ماڻهن کي بيدخل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي آهي. عدالت چيو ته جڏهن متاثرن کي آباد ڪرڻ بابت ميڪنزم ئي نه جوڙيو ويو ته آپريشن ڪيئن شروع ڪيو ويو؟ ان موقعي تي سرڪاري وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته متاثرن کي نيا پاڪستان هائوسنگ اسڪيم ۾ پلاٽ ڏنا ويندا، جنهن تي متاثرن جي وڪيل جبران ناصر ٻڌايو ته جڏهن نيا پاڪستان هائوسنگ اسڪيم جو اعلان ئي ناهي ڪيو ويو ته متاثرن کي پلاٽ ڪيئن ڏيندا؟ سپريم ڪورٽ صرف حددخلين جي خاتمي جو حڪم ڏنو هو، ليز ٿيل گهر ڊاهڻ جو حڪم نه ڏنو هو.