ڪراچي (اسٽاف رپورٽر ) ڪراچي جي ثمن آباد پوليس عيد تي ڳوٺ ويندڙ ٿر واسين جي بس روڪي لاڪ ڊائون جو جواز اڻائي پورهيتن کي گرفتار ڪري ورتو، واقعي جو سنڌ حڪومت نوٽيس ورتو، سمورا گرفتار پورهيت آزاد، ملوث اهلڪارن خلاف ڪارروائي جو حڪم، ان ڏس ۾ گذريل ڏينهن ثمن آباد پوليس ٿر ويندڙ مسافر بس روڪي 25 کان وڌيڪ مسافرن کي تشدد بعد لاڪپ ڪري ڇڏيو، ايس ايچ او ثمن آباد موجب بس ۾ مسافر ڪورونا ايس او پيز جي خلاف ورزي ڪندي ويهاريا ويا، جن کي ماسڪ به پاتل نه هئا، اسان ڪورونا ايس او پيز جي خلاف ورزي ڪرڻ تان ڪارروائي ڪئي آهي، ٻئي پاسي سنڌ حڪومت ٿري پورهيتن جي ثمن آباد پوليس هٿان گرفتاري ۽ کين تشدد ڪرڻ واري واقعي جو نوٽيس وٺندي گرفتار مسافرن کي فوري آزاد ڪرڻ ۽ گرفتار ڪندڙ اهلڪارن خلاف قانوني ڪارروائي جو حڪم ڏنو ، ٻئي پاسي ذريعن ٻڌايو ته پوليس گرفتار ڪيل 25 مسافرن کي شخصي ضمانت تي آزاد ڪري ڇڏيو.