پنوعاقل (ن پ ا) پنوعاقل مان پنج ڏينهن اڳ اغوا ٿي ويل ٻن مغوي دوستن جي بازيابيءَ عمل ۾ نه اچي سگھي آھي ڌاڙيلن پاران مغوي نوجوانن جي وارثن کان بازيابي لاءِ ھڪ ڪروڙ رپيا ڀنگ طلب ڪئي وئي آهي ، بائجي ۽ سانگي ٿاڻي جي حدن مان اغوا ٿيل ٻن نوجوان دوستن جميل ورند ۽ ذاڪر شاه کي اغوا ٿئي پنج ڏينهن گذرڻ باوجود نوجوانن جي بازيابيءَ عمل ۾ نه اچي سگھي آھي مغوي نوجوانن جي وارث کان نوجوانن جي بازيابيءَ لاءِ ھڪ ڪروڙ رپيا ڀنگ طلب ڪيو ويو آھي ، گذريل ڏينهن مغوي نوجوان جميل ورند جي وارثن کي سندس نمبر تان ڏوھارين رابطو ڪري ٻنھي نوجوانن جي بازيابيءَ لاءِ ھڪ ڪروڙ رپيا ڀنگ طلب ڪيو ويو ، جڏھن ته پوليس جو چوڻ آھي ته مغوي نوجوانن جي وارثن کان ڀنگ طلبي بابت کين علم ناھي جاچ ڪري رھيا آھيون، ٻي پاسي پوليس ذريعن دعويٰ ڪئي آھي ته نوجوانن جي نمبرن تان آيل ڪال جي لوڪيشن ڪشمور جي ڪچي مان ملي آھي .