شھدادپور (ن پ ا) شھدادپور شھر جي مائي سهڻي پاڙي واسي 20 ورهين جي نوجوان شھزاد ملڪ موٽر سائيڪل نه وٺي ڏيڻ تان مبينا طور نشي آور گوريون کائي ڇڏيون، وارث نوجوان کي اسپتال کڻائي آيا، جتي طبي امداد بعد نوجوان کي حيدرآباد نيو ويو، جتي هن دم ڏئي ڇڏيو، ان حوالي سان فوتي نوجوان جي پيرسن پيءُ اسماعيل ملڪ ٻڌايو ته پٽ موٽر سائيڪل وٺي ڏيڻ جي ضد ڪئي، غربت سبب کيس نه وٺي ڏئي سگهيس، جنهن تان پٽ ڪاوڙجي گهران نڪري ويو ۽ ڪاوڙ ۾ هن آپگهات ڪري ڇڏيو آهي.