ڪراچي(اسپورٽس نيوز) قومي ڪرڪيٽر وهاب رياض چيو آهي ته ٿي سگهي ٿو ته وڪيٽ ڪيپر بيٽر ڪامران اڪمل پي ايس ايل جي ٽيم پشاور زلمي ۾ ڪوچنگ جا فرض انجام ڏئي. نجي چئنل سان ڳالهائيندي وهاب رياض چيو ته ٽيم ۾ فيورٽ ازم هوندو آهي، هن چيو ته ڪو به بالر هجي يا بيٽر هن جو اهم وقت ئي 30 ۽ 31 سالن کانپوءِ هوندو آهي، اهڙو به ڇا ٿي ويو جو ڪوبه سينيئر اوهان کي پسند ئي نه آهي. هن اڳوڻي سليڪٽر محمد وسيم تي تنقيد ڪندي چيو ته هن جي ليپ ٽاپ ۾ نظر ايندو آهي ته ڪهڙو رانديگر آسٽريليا وڃي پرفارمنس ڪري سگهي ٿو. هن چيو ته پي سي بي ۾ نجم سيٺي جو اچڻ سٺو سنوڻ آهي ۽ جيڪي مستقل کيڏي رهيا آهن هنن کي عزت ملڻ گهرجي جيئن شعيب ملڪ، محمد حفيظ، محمد عامر، سرفراز احمد ۽ حسن علي وغيره.