ڪراچي(اسپورٽس نيوز) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان محمد حفيظ بابراعظم کي ٽيسٽ فارميٽ ۾ وڪيٽ ڪيپر بيٽر محمد رضوان کي آرام ڪرائڻ جو مشورو ڏئي ڇڏيو آهي. محمد حفيظ چيو آهي ته گذريل سال ڪرڪيٽ جي ڊگهي ترين فارميٽ جي 8 ميچز ۾ رضوان رڳو 30.84 جي ايوريج سان 401 رنز ٺاهيون آهن ۽ وڪيٽن پويان به ڪا سٺي ڪارڪردگي ناهي ڏيکاري سگهيو، منهنجي خيال ۾ بابراعظم کي سرفراز احمد کي موقعو ڏيڻ گهرجي. هن چيو ته پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي اعليٰ عهديدارن کي به سمجهڻ جي ضرورت آهي ته جيڪڏهن رضوان هڪ فارميٽ ۾ پرفارم نٿو ڪري سگهي ته هن جي جاءِ تي ڪنهن ٻئي کي موقعو ڏين، سرفراز احمد يا ڪو ٻيو آپشن موجود آهي ته اهو استعمال ڪن.