دبئي(اسپورٽس نيوز) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل نئين ون ڊي رينڪنگ جاري ڪري ڇڏي آهي. قومي ٽيم جو ڪپتان پهرين نمبر تي برقرار آهي. آءِ سي سي طرفان جاري ڪيل نئين ون ڊي رينڪنگ موجب ڪپتان بابراعظم 887 ريٽنگ پوائنٽس سان گڏ سڀ کان اڳتي آهي. جڏهن ته ڏکڻ آفريڪي بيٽر راسي وين ڊير ڊوسن 766 ۽ ڪوئنٽن ڊي ڪاڪ 759 پوائنٽن سان گڏ ترتيبوار ٻئي ۽ ٽئين نمبر تي موجود آهن. ون ڊي رينڪنگ ۾ آسٽريليا جو اوپنر ڊيوڊ وارنر 747 پوائنٽن ۽ قومي ٽيم جو اوپنر امام الحق 740 پوائنٽن سان گڏ ترتيبوار چوٿين ۽ پنجين پوزيشن تي موجود آهن. سپر اسٽار بيٽسمين ويرات ڪوهلي کي هن جي هم وطن شبمن گِل هڪ درجو پوئتي ڌڪي ڇڏيو آهي. شبمن 734 پوائنٽن سان ڪيريئر جي بيسٽ نمبر تي اچي ويو آهي جڏهن ته ڪوهلي هڪ درجو پوئتي ويندي 727 پوائنٽن سان ستني نمبر تي آهي. جڏهن ته اسٽيو سمٿ رينڪنگ ۾ هڪ درجو پٺي ويندي اٺين نمبر تي هليو ويو آهي.  نيوزيلينڊ خلاف 3 سالن کانپوءِ سينچري اسڪور ڪرڻ تي ڀارتي ڪپتان روهت شرما جي ٽاپ ٽين ۾ واپسي ٿي آهي ۽ هو نائين نمبر تي اچي ويو آهي ۽ ڏهين نمبر تي جوني بيرسٽو موجود آهي.