عمرڪوٽ (رپورٽر) نامياري شاعر ڊاڪٽر آڪاش انصاري جي مان ۾ عمرڪوٽ ۾ مڃتا تقريب ۽ عيد مشاعرو ڪوٺايو ويو، تقريب ۾ ڊاڪٽر آڪاش انصاري جامي چانڊيو حليم باغي مير حسن آريسر جلال ڪوري مرتضيٰ سيال حاجي ساند اشرف پلي نور محمد بجير منير ولھاري ڊاڪٽر عزيز رحماني ۽ ٻين شرڪت ڪئي، مشاعري ۾ ڊاڪٽر آڪاش انصاري، حليم باغي، حاجي ساند، ھرچند ساگر اشرف پلي ۽ ٻين پنھنجي نڪور شاعري پڙھي، جڏھن ته ڊاڪٽر آڪاش انصاري کي لائيف ٽائيم اچيومينٽ ايوارڊ پڻ ڏنو ويو، خطاب ڪندي جامي چانڊيو چيو ته اھا بلڪل بڪواس آھي ته ترقي پسند ادب شاعري ۽ انقلابي ادب ختم ٿي ويو آھي، ڊاڪٽر آڪاش خوشنصيب آھي جو ان کي زندگي ۾ به زندگي ملي آھي، ھن وڌيڪ چيو ته ٻولي لاڙ جي ھجي ۽ فڪر انقلابي ھجي اھو ڪمال ڊاڪٽر آڪاش انصاري جي شاعري ۾ ڏسي ۽ پڙھي سگھجي ٿو، ھن چيو ته جنھن شاعري ۾ رڳو مشاھدو  ھجي پر تخيل نه ھجي ته  اھا شاعري ئي نه آھي. ان سان گڏ خيال ۽  ٻولي اھم آھي، ڊاڪٽر آڪاش انصاري چيو ته منھنجي شاعري وطن ۽ ان جي مسڪين مارو ماڻھن لاءِ آهي.