خيرپور (رپورٽر ) خيرپور ۾ تڪڙا ڪيس اڪلائڻ لاءِ قائم ڪرمنل ماڊل ٽرائل ڪورٽ جي اسپيشل جج اسلام الحق آرائين جي عدالت، عدالتي حڪمن جي تعميل نه ڪرڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ڪوٽڏيجي ٿاڻي جي ايس ايچ او سب انسپيڪٽر اسلم لغاري مٿان قلم 175 تحت ڪيس داخل ڪري فرسٽ سول جج خيرپور جي عدالت ڏانهن ٻڌڻي لاءِ منتقل ڪري ڇڏيو آهي ۽ اي ايس آءِ اعجاز علي ڄامڙو جي پگهار بند ڪرڻ لاءِ ايس ايس پي خيرپور کي ليٽر اماڻي ڇڏيو آهي. جڏهن ته گلو سيال ٿاڻي جي ايس ايچ او ۽ وڏي منشي، گمبٽ ٿاڻي جي ايس ايڇ او ، سب انسپيڪٽر مختيار احمد، اي ايس آءِ نور احمد عباسي، اي ايس آءِ ذوالفقار علي ۽ هيڊ ڪانسٽيبل عجيب الرحمان خلاف شوڪاز نوٽيس جاري ڪندي کين عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو آهي.