سنجهورو (ن پ ا) سنجهوري ويجهو ڳوٺ جعفرخان لغاري مان کنڀجي ويل هاري اڳواڻ منظور لغاري جي بازيابي لاءِ سندس وارثن ۽ مقامي ڳوٺاڻن پاران پريس ڪلب اڳيان مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو، ان موقعي تي عالم خان لغاري، خير محمد لغاري، علي نواز لغاري  ۽ ٻين دانهيندي چيو ته هاري اڳواڻ منظور لغاري کي کنڀي گم ڪرڻ واري واقعي کي 3 ڏينهن گذري چڪا آھن پر سندس پتو ناهي، ڪورٽ ۾ پڻ درخواست داخل ڪئي آھي، هنن چيو ته هارين جي حقن لاءِ ڪيس جي پوئواري ڪرڻ جي ڏوهه ۾ هاري اڳواڻ کي کنڀيو ويو، پوليس ڪجھه ناهي ڪيو، هنن مطالبو ڪيو ته هاري اڳواڻ کي بازياب ڪرايو وڃي.