ٺٽو (رپورٽر) سنڌ جي ناليواري ليکڪ، ڪالم نگار ۽ سماج سڌارڪ محمد خان ابڙي جي ڪالمن جي مجموعي “ڪنهن کي وڻي نه وڻي” جي مهورتي تقريب ۽ عيد مشاعرو ٺٽو پريس ڪلب ۾ ٿيو، سنڌي ادبي سنگت شاخ ٺٽو ۽ مڪلي پاران ٿيل تقريب جي صدارت سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي سيڪريٽري جنرل تاج جويي ڪئي، جڏهن ته مهمان خاص محمد خان ابڙو هو. تقريب دوران محمد خان ابڙي جي ڪتاب جي مهورت ڪئي وئي جڏهن ته نوجوان ۽ سينئر شاعرن پنهنجون نڪور لکڻيون پيش ڪيون. تاج جويي سميت تقريب ۾ شرڪت ڪندڙ ناليوارن ڏات ڌڻين احمد سولنگي، رمضان ميمڻ، راز شر، رکيل مورائي، حسين بخش سارنگ، حميد سبزوئي، فقير اڪرم مڱڻهار ،  خدا ڏنو ٺاراڻي ، گل بيبي شاهه، عزيزه حنا عباسي ، جسارت الياس جوکيو امام علي ڏيٿي ، اصغر شاھ ۽ ٻين محند خان ابڙي جي ڪتاب ۽ شخصيت تي روشني وڌي. مقررن چيو ته محمد خان ابڙو جو هي ڪتاب ڪنهن کي وڻي نه وڻي در اصل سنڌ تي ٿيندڙ ظلمن بابت لکيل هڪ اهڙو دستاويز آهي جيڪو هر دور جي شاگردن کي ڪم ڏيندو. تقريب کي خطاب ڪندي صاحب محفل محمد خان ابڙي چيو ته ٺٽو سنڌ جي تاريخ جو مرڪز رهيو آهي، سنڌ جي تاريخي شهر جي پريس ڪلب ۾ منهنجي مڃتا واري تقريب ڏسي خوشي ۽ فخر محسوس ڪري رهيو آهيان. هن چيو ته منهنجي ڪتاب ۾ سنڌ جي درد کي بيان ڪيل آهي. مون پنهنجي اکين سان ڏٺل تاريخ کي ڪتاب ۾ رقم ڪيو آهي، اها تاريخ اڳتي هلي هسٽري جي شاگردن کي ڪم ايندي.