انڊونيشيا ۾ برف جهڙي پراسرار اڇي گجي شهرين کي پريشان ڪري ڇڏيو

0
205

جڪارتا(دلچسپ نيوز) انڊونيشيا ۾ برف جهڙي پراسرار اڇي گجي شهرين کي پريشان ڪري ڇڏيو. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب انڊونيشيا جي راڄڌاني جڪارتا جي علائقي مارونڊا ۾ برساتي ڪينال اندر اوچتو پراسرار اڇي گجي پيدا ٿيڻ لڳي آهي، جنهن سبب شهري پريشان ٿي ويا آهن. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته اها گجي برساتن واري سيزن ۾ پيدا ٿيندي آهي، ان جو اوچتو ظاهر ٿيڻ ڳڻتي جوڳو قرار ڏنو ويو آهي، گجي هوا لڳڻ بعد رستن ۽ گهرن ۾ اچڻ سبب شهرين جو جيئڻ جنجال بڻجي ويو آهي جڏهن ته بيمارين پڻ منهن ڪڍيو آهي. سماجي حلقن جو چوڻ آهي ته شهري گهرن جو گند ڪچرو ڪينال ۾ اڇلائن ٿا جڏهن ته صفائي جو نظام پڻ ٺيڪ ڪرڻ گهرجي، انڊونيشيا ۾ ماحوليات جي تحفظ لاءِ ڪم ڪندڙ تنظيم گرين پيس جي ميمبر عطا رشيدي جو چوڻ آهي ته برساتن جي موسم ۾ ڪچرو خاص طور پلاسٽڪ هڪ هنڌ جمع ٿي ويندو هو ۽ پوءِ مٿي اچڻ سبب گجي پيدا ٿيندي هئي پر هاڻي صفائي جو نظام خراب ٿي ويو آهي.