فهيم اشرف انجري جو شڪار: آئنده ميچز ۾ شرڪت شڪي بڻجي وئي

0
479

ڪراچي(اسپورٽس نيوز) پاڪستان سپر ليگ جي ٽيم اسلام آباد يونائيٽڊ جي رانديگر فهيم اشرف انجري جو شڪار ٿي ويو آهي، جنهن جي ڪري ايندڙ ميچز ۾ سندس شرڪت شڪي بڻجي وئي آهي. اسلام آباد يونائيٽڊ موجب لاهور قلندرز خلاف ميچ ۾ فهيم اشرف انجري جو شڪار ٿيو، اڱوٺي جي انجري جو شڪار فهيم اشرف کي ڊاڪٽرن طرفان آرام جو مشورو ڏنو آهي. ترجمان جو چوڻ آهي ته فهيم اشرف جي ايندڙ ميچز ۾ شرڪت شڪي بڻجي وئي آهي، فهيم اشرف کي کاٻي هٿ تي انجري سبب 5 ٽانڪا ڏنا لڳا آهن.