ڀولڙي جي ڪپڙن ڌوئڻ واري انوکي وڊيو وائرل

0
409

نيويارڪ(دلچسپ نيوز) ڀولڙي جي ڪپڙن ڌوئڻ واري انوکي وڊيو وائرل ٿي وئي. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب سوشل ميڊيا تي هڪ انوکي وڊيو وائرل ٿي آهي ، وڊيو ۾ ڀولڙي کي انسانن وانگر ڪپڙا ڌوئيندي ڏسي سگهجي ٿو جڏهن ته ڀولڙوهڪ بٺي تي ويهي ڪپڙن کي برش۽ صرف سان ڌوئي ٿو، ڪپڙن کي سٽڻ بعد بار بار پاڻي ۾ وجهي صاف پڻ ڪري ٿو. سوشل ميڊيا تي ڀولڙي جي اها وڊيو 96 هزار ڀيرا ڏسجي چڪي آهي. جڏهن صارفين جو چوڻ آهي ته ڀولڙو انسانن کي ڏسي سڀ ڪجهه ڪري سگهي ٿو. ٻئي طرف جانورن جي حقن لاءِ جاکوڙيندڙ تنظيمن جانورن کان ڪپڙن ڌوئارڻ وارو ڪم وٺڻ حقن جي ڀڃڪڙي قرارڏنو آهي سندن چوڻ آهي ته ان قسم جا ڪم جانورن کان ڪرائڻ نه رڳو غيراخلاقي آهي پر ان سان جانورن جي حقن جي ڀڃڪڙي پڻ ٿئي ٿي.