انساني جسم ۾ سُوئر جي بُڪيءَ جي پيوندڪاري جو تجربو

0
244

آمريڪي شهر نيويارڪ جي هڪ اسپتال ۾ انساني جسم اندر سُوئر جي بُڪيءَ جي پيوندڪاري جو تجربو ڪيو ويو آهي

آمريڪي ميڊيا جي رپورٽس موجب دماغي طور مئل هڪ شخص جي جسم ۾ آزمائشي طور ٽن ڏينهن تائين سوئر جو گردو لڳائي ان جي ڪارڪردگي جو جائزو ورتو ويو . طب جي دنيا ۾ اهڙي سرجري کي زينو ٽرانسپلانٽيشن چيو وڃي ٿو، جنهن ۾ ڪنهن هڪ قسم جي جاندار جا عضوا يا ٽشوز ڪنهن ٻئي قسم جي جاندار ۾ منتقل ڪيا ويندا آهن

آمريڪا جي جان هاپڪنز يونيورسٽي جي پروفيسر ڊوري سيگيو هن سرجري کي هڪ وڏو ڪارنامو قرار ڏنو آهي