گجرات: 70 سالن جي جهوني عورت ٻار کي جنم ڏنو

0
668
: 70 سالن جي جهوني

ڀارتي رياست گجرات جي ڪڇ ضلعي ۾ 70 سالن جي هڪ جهوني عورت پهرين ٻار کي جنم ڏنو آهي

ڀارتي ميڊيا جي رپورٽس موجب جيون بين ريٻاري نالي 70 سالن جي پيرسن عورت ويٽروفرٽيلائيزيشن (آءِ وي ايف) ٽيڪنالاجي ذريعي پهرين ٻار کي جنم ڏنو. عورت جو علاج ڪندڙ ڊاڪٽر نريش ڀانوشالي ٻڌايو ته جيون ريٻاري جڏهن پهريون ڀيرو اسان وٽ آئي هئي ته اسان هن کي ٻڌايو ته ايڏي وڏي عمر ۾ ٻار جي پيدائش ممڪن نه آهي، پر هوءَ لاڳيتو اصرار ڪندي رهي، هن عمر ۾ بنا ڪنهن پيچيدگي جي ٻار ڄڻڻ ڪنهن معجزي کان گهٽ نه آهي

ڊاڪٽر نريش وڌيڪ ٻڌايو ته عورت جي وڏي ڄمار جي ڪري هن ڪيس کي منهن ڏيڻ لاءِ وڏو غور ويچار ڪيو ويو ۽ نيٺ اهو ڪيس وٺڻ جو فيصلو ڪيو ويو. پيرسن جوڙي کي ٻار پيدا ڪرڻ جي وڏي خواهش هئي ۽ ٻئي زال مڙس وڏي عرصي کان ٻار لاءِ سڪي رهيا هئا

ڊاڪٽرز جو چوڻ آهي ته آءِ وي ايف ذريعي جنم وٺندڙ ٻار ۽ سندس جهوني ماءُ بين ريٻاري ٻئي صحتمند آهن

ھي به پڙھندا

آمريڪي نيوز چينل تي موسم جي خبرن دوران اگهاڙي وڊيو هلي وئي