راڻيپور: روشن محبوب راڄپر جي قتل ڪيس ۾ گرفتار جوابدارن جي پيشي

0
154

راڻيپور(ن پ ا)  سماجي ڪارڪن مسمات روشن محبوب راڄپر جي قتل ڪيس ۾ گرفتار جوابدارن کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو

پوليس پاران گرفتار ڪيل روشن محبوب راڄپر جي ويڳي پٽ عاقل راڄپر، شان راڄپر ۽ عرس راڄپر کي بيان رڪارڊ ڪرائڻ لاءِ راڻيپور جي سول مجسٽريٽ جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو

عدالت جوابدارن جو ميڊيڪل ڪرائي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم  ڏيندي چيو ته رپورٽ اچڻ بعد جوابدارن جا بيان ورتا ويندا

گرفتار ٿيل جوابدار عاقل راڄپر ۽ ساٿين چيو ته اسان کي پوليس تشدد ئي ناهي ڪيو ته ميڊيڪل ڇا جو ڪرايون؟

عدالت جوابدارن کي ٻن ڏينھن جي ريمانڊ تي پوليس حوالي ڪندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي