سکر (بيورورپورٽ) سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بئنچ جي حڪم تي سکر ضلعي انتظاميا ۽ ميونسپل ڪارپوريشن جي گڏيل ڪارروائي، شهر جي تفريحي پارڪن، چوڪن، چوراهن، روڊن رستن ۽ ٻين هنڌن تان سياسي ماڻهن جي نالن جون تختيون هٽائڻ جو عمل شروع، اعليٰ تعليمي اداري آءِ بي اي سکر يونيورسٽي جي بانيڪار نثار احمد صديقي جي نالي واري تختي به لاهي ڇڏي. سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بينچ جي حڪم تي شهر جي تفريحي پارڪن، روڊن، رستن، چوڪن، چوراهن ۽ ٻين هنڌن تان سياسي ماڻهن جي نالن جون لڳايل تختيون هٽائڻ لاءِ ڪاروائي ڪئي وئي. انتظامي عملدار جي نگرانيءَ ۾ ڊي سي آفيس ڀرسان فاطمه چلڊرين پارڪ جي مک گيٽ تان نورين اسلام الدين شيخ جي نالي واري تختي هٽائي وئي، اسٽيشن روڊ تي ريلوي آفيس چوڪ وٽ اسلام الدين شيخ، نعمان شيخ جي نالن واري چبوتري کي اکيڙي پٽيو ويو، جناح ميونسپل اسٽيڊيم چوڪ وٽ ٽاور تي غوري نالي جو ڪتبو هٿوڙا هڻي ڊاٺو ويو. جڏهن ته بند روڊ تي اقبال پاڪ والا، ورڪشاپ روڊ تي مشتاق سرهيو روڊ وارا سائين بورڊ پٽي هٽايا ويا. ڪالهه انچارج اسسٽنٽ ڪمشنر جي اڳواڻيءَ ۾ ٽيم 10 کان وڌيڪ هنڌن تي ڪارروائي ڪئي، ان دوران ايئرپورٽ روڊ وٽ ڪارروائي ڪندڙ ضلعي انتظاميا ۽ ميونسپل ڪارپوريشن جي عملي نثار احمد صديقي جي نالي سان منسوب تختي پڻ اکيڙي ڇڏي.