ڪراچي(رپورٽ: فقير سليم) ٿرڪول بلاڪ ون مان چوري روڪڻ، قبضا هٽائڻ ۽ چيني ڪمپني جي چيئرمين پاران نشاندهي ڪيل مسئلن جي حل لاءِ گهرو کاتي پاران سي پيڪ جي اسپيشل پروٽيڪشن يونٽ ۽ ڊي سي ٿر کي خط، ٿر جا ڊي سي ۽ ايس ايس پي اڄ بلاڪ ون جي انتظاميا سان ملاقات لاءِ  سائيٽ تي پهچندا،  ان حوالي سان چيني  ڪمپني جي چيئرمين پاران توانائي کاتي کي لکيل خط ۾ چيو ويو هو ته رٿا جي سموري علائقي کي ڪنڊيدار تارون لڳائڻ باوجود ڪول فيلڊ ۾ چورين جون وارداتون وڌي ويون آهن، علائقي جا ڪجهه نوجوان رٿا جي حدن ۾ داخل ٿي حساس علائقي ۾ اچي وڃن ٿا، جيڪي بجلي جون تارون چوري ڪري نقصان پهچائين ٿا. اهڙا ڪيترائي واقعا ٿي چڪا آهن، جن دوران ويجهن ڳوٺن جي ڪجهه نوجوانن کي پڪڙي چورايل شيون  هٿ ڪيون ويون، انتظاميا ۽ مقامي وڏن ماڻهن (پٽيلن ) کي شامل ڪرڻ باوجود غيرقانوني حرڪتون بند يا ختم نه ٿيون آهن. خط ۾ سفارش ڪئي وئي آهي ته کاردار تارن ۾ ڳوٺاڻن ۽ سندس چوپائي مال لاءِ  ڇڏيل لنگهه بند ڪيا وڃن ته جيئن چيني ماهر ۽ رٿا جي حفاظت ٿي سگهي،  چورين ۾ ملوث ماڻهن جي سڃاڻپ ڪري سخت قدم کنيو وڃي. ڪول فيلڊ آڏو ٺهيل غيرقانوني اڏاوتون ڊاٺيون وڃن. بلاڪ ون جي چوڌاري ٻه ڪلوميٽر واري ايريا کي پابندي پيل علائقو قرار ڏئي اوپرن ماڻهن جي اچ وڃ بند ڪئي وڃي. خط ۾ چيو ويو آهي ته ڪمپني پنهنجي حفاظتي انتظامن کي لازمي طور بهتر بڻائيندي پر حڪومت پاران ضروري قدم نه کڻڻ جي صورت ۾ اسان لاءِ پنهنجو هدف حاصل ڪرڻ ناممڪن بڻجي ويندو. اهڙي خط بعد توانائي کاتي پاران گهروکاتي جي سيڪريٽري کي خط لکيو ويو هو، جڏهن ته گهرو کاتي جي سيڪريٽري رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته هن توانائي کاتي جي خط جي روشني ۾ ڊي آءِ جي سي پيڪ کي سيڪيورٽي جي حوالي سان ۽ قبضن بابت ٿر جي ڊپٽي ڪمشنر کي به ليٽر لکي ڇڏيو آهي، ٻئي طرف ڊي سي ٿرپارڪر لعل ڏنو منگي پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي تصديق ڪئي ته گهرو کاتي پاران خط ملڻ بعد اڄ هو پاڻ ايس ايس پي ٿرپارڪر سان گڏجي ٿرڪول بلاڪ ون جي سائيٽ جو دورو ڪري ڪمپني انتظاميا سان ميٽنگ ڪندو.