واهي پانڌي (ن پ ا) واهي پانڌي ۾ شهرين ۽ ٽرانسپورٽ مالڪن پاران بدامني خلاف ريلي ڪڍي گورک چوڪ تي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو،  ان موقعي تي اڳواڻن علي دوست شاهاڻي، ڪامريڊ وقار مستوئي، فهد رستماڻي، شڪيل رستماڻي، آچر رستماڻي ٻين چيو ته شهر ۾ چوريون ۽ ڦرون  روز جو معمول بڻيل آهن، پوليس خاموش تماشائي بڻيل آهي، غيرمحفوظ بڻيل آهيون، نوٽيس وٺي امن قائم ڪرايو وڃي.