ڇاڇرو (ن پ ا) ڇاڇرو ويجهو ڳوٺ جيتراڙ واسي پيرسن نصير نهڙي پنهنجي گهر واري سان گڏ احتجاج ڪندي الزام هنيو ته ڳوٺ جا بااثر هٿيارن جي زور تي حملو ڪري منهنجي ٻني مان 30 مڻ گوار جو فصل کڻي ويا آهن، هن چيو ته آئون پيرسن آهيان منهنجي محنت جي ڪمائي بااثر ڦري ويا آهن، هن چيو ته تڙ احمد ٿاڻي جي پوليس بااثرن خلاف ڪارروائي ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي، هن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي بااثرن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.