قصبو (ن پ ا) قصبو راڄوديرو لنڪ روڊ مڪمل ٿيڻ کان پھرين اکڙي ويو آهي، ڪرپشن جا الزام، ان ڏس ۾ علائقي واسين ستار لغاري، شرف الدين پنهور، محمد علي سومرو، سجاد چانڊيو، عامر لغاري ۽ ٻين دانهيندي چيو ته  راڄوديرو لنڪ روڊ ٻن حصن ۾ تقسيم ڪيو ويو، پھريون حصو مڪمل تيار ڪيو ويو، جيڪو سال بعد اکڙي ويو آهي، جڏهن ته قصبو کان 7 ڪلو ميٽر راڄوديرو لنڪ روڊ گذريل ڪيترائي سال گذرڻ باوجود مڪمل نه ٿي سگهيو آهي،  هنن مطالبو ڪيو ته ڪرپشن جي جاچ ڪرائي روڊ جو ڪم مڪمل ڪرايو وڃي.