اليڪشن ڪميشن ملڪ کي وڏي آئيني بحران کان بچائي ورتو آهي:وفاقي سرڪار

0
296
اليڪشن ڪميشن ملڪ کي وڏي آئيني بحران کان بچائي ورتو آهي:وفاقي سرڪار
اليڪشن ڪميشن ملڪ کي وڏي آئيني بحران کان بچائي ورتو آهي:وفاقي سرڪار

وفاقي سرڪار پاران چونڊن جو شيڊول تبديل ڪرڻ واري اليڪشن ڪميشن جي فيصلي جي آجيان ڪئي وئي آهي

 وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن ملڪ کي وڏي آئيني بحران کان بچائي ورتو آهي، اليڪشن ڪميشن جي فيصلي سان ملڪ ۾ سياسي استحڪام جي ضمانت ملندي

 پنهنجي بيان ۾ مريم اورنگزيب چيو ته اليڪشن ڪميشن معاشي، سياسي ۽ سيڪيورٽي صورتحال ڏسندي فيصلو ڪيو، هڪ شخص جي انا جي ڪري ٻن صوبن تي اليڪشن زبردستي مڙهي پئي وڃي

هن جو چوڻ هو ته 30 اپريل تي ٻن صوبن ۾ ٿيندڙ اليڪشن تڪراري هجي ها، پنجاب ۽ خيبر پختونخواهه ۾ 6 مهينا اڳ ئي اسيمبليون ٽٽي پون ها

تحريڪ انصاف پنجاب ۾ چونڊن جو شيڊول تبديل ڪرڻ کي آئين جي ڀڃڪڙي قرار ڏئي ڇڏيو، عمران خان زمان پارڪ ۾ پارٽيءَ جي سينيئر اڳواڻن جو مشاورتي اجلاس سڏائي ورتو آهي

How long did Imran Khan serve as prime minister?

 عمران خان مينار پاڪستان وٽ رٿيل جلسي بابت اڳواڻن کي هدايتون به ڏيندو، عمران خان چيو آهي ته آڪٽوبر تائين چونڊون ملتوي ڪري اليڪشن ڪميشن آئين جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي

هن جو چوڻ آهي ته اسان پنهنجيون 2 اسيمبليون ان ڪري ٽوڙيون ته آئين موجب 90 ڏينهن اندر چونڊون ڪرايون وينديون، آئين تي سنگين حملي خلاف هر ماڻهوءَ کي عدليه ۽ قانوني برادري جي پٺيان بيهڻو پوندو

صوبائي وزير شرجيل ميمڻ چيو آهي ته عمران خان جي پيرول تي ڪم ڪندڙ آمريڪي لابسٽ روز سندس حمايت ۾ بيان ڏئي رهيا آهن، پرڏيهين جي بيانن کي ملڪي معاملن ۾ مداخلت سمجهون ٿا

Amendments to local govt law imminent, says Sharjeel Memon - Pakistan - DAWN.COM

 صوبائي وزير شرجيل ميمڻ هڪ بيان ۾ چيو ته عمران خان ٻڌي ڇڏي ته پاڪستاني حڪومت ڪنهن به لابنگ فرم يا ڪنهن پرڏيهي دٻاءَ ۾ نه ايندي، عمران خان تي بالي ووڊ جي فلمن جو شايد اثر آهي، هو وڦليل ڳالهيون ڪري رهيو آهي

جڏهن ته وفاقي وزير شيري رحمان چيو آهي ته عمران خان آمريڪا ۾ وڃايل ساک جي بحاليءَ لاءِ هڪ لابنگ فرم سان معاهدو ڪيو آهي، اها فرم پي ٽي آءِ اڳواڻن جي آمريڪا جي فيصلا ڪندڙن سان ملاقاتن جو انتظام ڪندي

هن جو چوڻ آهي ته پاڪستان جا آمريڪا سان لاڳاپا تباهه ڪندڙ عمران خان هاڻي پنهنجا آمريڪا سان لاڳاپا بهتر ڪري رهيو آهي، عمران خان کي اهڙن معاهدن تي قوم کي جواب ڏيڻو پوندو

Shaikh Rasheed says govt 'may impose smart lockdowns' in coming days

اڳوڻي وفاقي وزير شيخ رشيد چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن جي فيصلي آئيني بحران پيدا ڪري ڇڏيو آهي، هاڻي سپريم ڪورٽ جو امتحان آهي ته اها حڪومت کي گهر ڀيڙو ڪري ٿي يا هنن تي آرٽيڪل 6 ٿي لڳائي

پنهنجي ٽويٽس ۾ شيخ رشيد چيو ته چيف جسٽس چئي چڪو آهي ته شفاف چونڊن ۾ بدنيتي ٿي ته مداخلت ڪنداسين، ترڪي ۾ زلزلي دوران 50 هزار ماڻهو مري ويا پر اليڪشن شيڊول تبديل نه ٿيو، عمران خان جو رستو روڪڻ لاءِ سموري جمهوريت کي داءَ تي لڳايو ويو آهي

هي به پڙهندا

پارليامينٽ ڪنهن جون به ذميواريون گهٽائي يا وڌائي سگهي ٿي، پارليامينٽ کان مٿي ڪوبه ادارو ناهي، وفاقي گهرو وزير جو پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي خطاب