اليڪشن ڪميشن کي آئين تحت چونڊن جو شيڊول اڳتي پوئتي ڪرڻ جو اختيار آهي: وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ

0
200
وفاقي حڪومت طرفان سُپريم ڪورٽ جي فيصلي تي افسوس جو اظهار
وفاقي حڪومت طرفان سُپريم ڪورٽ جي فيصلي تي افسوس جو اظهار

اليڪشن ڪميشن کي آئين تحت چونڊن جو شيڊول اڳتي پوئتي ڪرڻ جو اختيار آهي، اليڪشن ڪميشن سيڪيورٽي صورتحال کي نظر ۾ رکندي پنجاب ۾ چونڊن جو شيڊول تبديل ڪيو

عام ۽ صوبائي چونڊون نئين ڊجيٽل آدمشماري تحت ئي ٿينديون: قانون واري وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ جي اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس

اعظم نذير تارڙ چيو ته 2017 جي آدمشماري تي سياسي جماعتن کي اعتراض هئا، پي ٽي آءِ به اتفاق ڪيو هو ته نيون چونڊون ڊجيٽل آدمشماري تحت ٿينديون

ٻن صوبن ۾ پراڻي آدمشماري تحت چونڊون ڪيئن ٿيون ڪرائي سگهجن، اليڪشن ڪميشن آئين جي ڪا به ڀڃڪڙي نه ڪئي آهي، وفاقي وزير مريم اورنگزيب به پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن ملڪ کي وڏي آئيني بحران کان بچائي ورتو آهي

اليڪشن ڪميشن معاشي، سياسي ۽ سيڪيورٽي صورتحال ڏسندي فيصلو ڪيو، هڪ شخص جي انا جي ڪري ٻن صوبن تي اليڪشن زبردستي مڙهي پئي وڃي، 30 اپريل تي ٻن صوبن ۾ ٿيندڙ اليڪشن تڪراري هجي ها

هن کي به پڙهندا

اليڪشن ڪميشن ملڪ کي وڏي آئيني بحران کان بچائي ورتو آهي:وفاقي سرڪار

پي ٽي آءِ پاران پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ شرڪت جو اعلان