اسلام آباد (م ڊ) وزيراعظم جي معاون خصوصي شهباز گِل نواز ليگ ترجمان کي جواب ڏيندي چيو ته مريم اورنگزيب  ڪڏهن ڪائونسل جي اليڪشن به ناهي وڙهي ۽ ڳالهيون اهڙيون ٿي ڪري ڄڻ هيءَ ئي اليڪشن ڪميشن جا معاملا هلائيندي هجي، هن چيو ته اليڪشن ڪميشن سامهون سڀ کان پهرين نواز ليگ حملو ڪيو هو، آئين تحت اليڪشن ڪميشن کي ٽيڪنالاجي جي استعمال جو پابند ڪيو ويو هو پر اليڪشن ڪميشن شفاف چونڊن لاءِ جديد ٽيڪنالاجي تي ڪم نه ڪيو.