مورو واسي پيار جو پرڻو ڪندڙ جوڙو تحفظ لاءِ مٺياڻي پريس ڪلب پهچي ويو

0
301

مٺياڻي(ن پ ا) مورو واسي پيار جو پرڻو ڪندڙ جوڙو تحفظ لاء مٺياڻي پريس ڪلب پهچي ويو.

سبحان خان ڪلهوڙو ۽ سائره ڪلهوڙو  پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته اسان نوشھروفيروز جي عدالت ۾ شادي ڪئي، جنهن کان پوءِ  سائره جا والدين ۽ مائٽ مور ڪلهوڙو، غلام قادر ڪلهوڙو، غلام رسول ڪلهوڙو ۽ ٻيا جان جا ويري بڻجي ويا آھن.

جوڙي جو چوڻ آهي ته رات ڏينهن اسان جي ڳولا ڪري رهيا آھن، موري ٿاڻي جو ايس ايڇ او به ڳري رشوت عيوض اسان کي ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ لاءِ ڇاپا هڻي ڳولي رهيو آھي.

هنن چيو ته عدالت سڳوري اسان کي پروٽيڪشن آرڊر به ڏنو پر ان جي باوجود مورو پوليس ۽ سائره جا مائيٽ اسان کي مارڻ لاءِ مختلف هنڌن تي چڙهايون ڪري رهيا آهن.

هنن ايس پي نوشھروفيروز ۽ ٻين وس وارن کي اپيل ڪئي آھي ته نوٽيس وٺي اسان کي تحفظ ڏئي  دربدري واري زندگي کان بچائي وڃي.