ڪراچي (م ڊ) ايم ڪيو ايم جي سينيٽر نئين آدمشماري جي اعلان کي پنهنجي ڪاميابي قرار ڏئي ڇڏيو،  نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي فيصل سبزواري چيو آهي ته ايم ڪيو ايم جي چوڻ تي تحريڪ انصاف نئين آدمشماري ڪرائڻ جي منظوري ڏني، يقيني بڻايو وڃي ته ڪنهن جي خواهش تي ڪراچي جي شهرين جي ڳڻپ ۾ تبديلي نه ٿئي، افسوس آهي ته 18 هين ترميم بعد صوبا بااختيار آهن پر سنڌ حڪومت شهرين کي پاڻي ڏيڻ لاءِ به تيار نه آهي، ڪراچي ۾ پاڻي جي فراهمي ۽ ٻين منصوبن ۾ وفاقي حڪومت سان گڏ آهيون.