اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ ايندڙ هفتي چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا جي مقرري کي غير آئيني قرار ڏيڻ لاءِ داخل ڪيل درخواست ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪري ڇڏي، جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ اربع ڏينهن ٻڌڻي ڪندي، سپريم ڪورٽ پاران جاري ڪيل ڪاز لسٽ مطابق درخواست گذار علي عظيم آفريدي جي درخواست تي ٻڌڻي ٿيندي ان حوالي سان درخواست گذار پيشي واري ڏينهن ذاتي حيثيت ۾ پيش ٿي دليل ڏيندو.