اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري اي سي او ڪائونسل آف منسٽرز (سي او ايم) جي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ ازبڪستان جو دورو ڪندو، پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهريٰ بلوچ چيو آهي ته پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري اقتصادي تعاون تنظيم جي وزيرن جي ڪائونسل جي 26هين اجلاس ۾ شرڪت ڪندو، پرڏيهي وزير اجلاس ۾ شرڪت لاءِ 23- 24 جنوري 2023ع تي تاشقند، ازبڪستان جو سرڪاري دورو ڪندو، هلندڙ سال ڪانفرنس جو ٿيم ”رابطن کي مضبوط بنائڻ جو سال“ آهي، پرڏيهي آفيس جي ترجمان مطابق بلاول ڀٽو زرداري ڪائونسل کي خطاب ڪندو، پرڏيهي وزير تقريب جي موقعي تي ميمبرن ملڪن جي شريڪ وزيرن ۽ ٻين سان الڳ الڳ ٻطرفيون ملاقاتون به ڪندو، پرڏيهي آفيس جي ترجمان وڌيڪ چيو ته ڪائونسل آف منسٽرز اقتصادي تعاون تنظيم جو پاليسي ساز فورم آهي، اهو فورم تنظيم جي فيصلن ۽ سالياني ورڪ پلان جي منظوري ڏيندو آهي، 25هين ڪائونسل آف منسٽرز نومبر 2021ع ۾ اشڪ آباد ترڪمانستان ۾ منعقد ٿي هئي، هڪ باني ميمبر طور پاڪستان اي سي او جي لاءِ پرعزم آهي، ان جو مقصد مواصلات، تجارت، ثقافت ۽ رابطن تي خصوصي توجهه سان گڏ اثرائتي علائقائي تعاون کي هٿي ڏيڻ آهي.