لاهور(م ڊ) وزيرآباد ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان تي حملي جي جاچ ڪندڙ جي آءِ ٽي طرفان سي سي پي او لاهور غلام محمود ڊوگر تي اعتراض وارڻ بعد جي آءِ ٽي جي ميمبرن کي ئي تبديل ڪيو ويو آهي. سي سي پي او لاهور غلام محمود ڊوگر جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ عمران خان تي حملي جي جاچ ڪندڙ جي آءِ ٽي ۾ نون ميمبرن جي مقرري جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو. پڌرائي موجب جي آءِ ٽي جي نون ميمبرن ۾ ڊي پي او ڊي جي خان محمد اڪمل، ايس پي انجم ڪمال، ڊي ايس پي سي آءِ اي جھنگ ناصر نواز شامل آهن. نوٽيفڪيشن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ڪنهن به کاتي جي چوٿين ميمبر جي مقرريءَ جو فيصلو جي آءِ ٽي جي حوالي آهي. ٻئي پاسي ذريعن جو چوڻ آهي ته جي آءِ ٽي جي پراڻن ميمبرن ۾ اختلاف سامهون اچڻ تي نون ميمبرن جي مقرري ڪئي وئي آهي،  پراڻن ميمبرن جي آءِ ٽي جي سربراهه جي جاچ ۽ طريقيڪار تي اعتراض ڪيا هو،ميمبرن غلام محمد ڊوگر تي سياسي بنيادن تي جاچ ڪرڻ جا الزام مڙهيا هئا.