اسلام آباد(بيورورپورٽ) عمران خان کي پاڪستان تحريڪ انصاف ( پي ٽي آءِ ) جي چيئرمين شپ تان هٽائڻ وارا ڪيس 25 جنوري لاءِ ڊي سيٽ ڪري ڇڏيا، ڪيسن جي ٻڌڻي هاڻي 31 هين جنوري تي ٿيندي. اليڪشن ڪميشن موجب عمران خان کي پارٽي چيئرمين شپ تان هٽائڻ واري ڪيسن جي ٻڌڻي 31 هين جنوري تي ٿيندي جڏهن ته عمران خان جي ننڍي چونڊ ۾ ڪاميابي جا نوٽيفڪيشنز جاري ڪرڻ خلاف درخاوست تي ٻڌڻي به 31 هين جنوري تي ٿيندي. واضح  رهي ته شهري خليل الرحمان عمران خان جي ڪاميابي جا نوٽيڪفيشنز جاري ڪرڻ خلاف به درخاوست داخل ڪئي آهي.