دوحا(م ڊ) افغان طالبان جي اعليٰ سطحي وفد قطر جي گادي واري شهر دوحا ۾ آمريڪي عملدارن سان ملاقات ڪئي، افغان وفد جي نمائندگي اسلامي امارات افغانستان جي انٽيليجنس چيف ڪئي، افغان وفد آمريڪي عملدارن کي چيو ته ٽي ٽي پي پاڪستاني جماعت آهي افغان طالبان ٻين جي جنگ نه وڙهندا، طالبان وفد چيو ته اسان پاڪستان ۽ ٽي ٽي پي ۾ امن ڳالهين لاءِ ٽياڪڙي جو ڪردار ادا ڪيو، اسلامي امارات افغان سرزمين ڪنهن جي خلاف استعمال ٿيڻ نه ڏيندي، پوءِ اهي آمريڪي اتحاد جو حصو ئي ڇو نه هجن.