اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد جي واپارين پي ٽي آءِ لانگ مارچ جي مخالفت ڪري ڇڏي، اسلام آباد چيمبر آف ڪامرس جي وفد گهرو وزير رانا ثناءُالله سان ملاقات ڪئي، چيمبر آف ڪامرس اسلام آباد کي احتجاج فري شهر بڻائڻ جو مطالبو ڪيو، اڳواڻن چيو ته لانگ مارچ سان معيشت، ڪاروبار تباهه ٿيڻ جو خطرو آهي، زندگي مفلوج ٿي ويندي، احتجاج لاءِ اسلام آباد کان ٻاهر ڪو هنڌ مقرر ڪيو وڃي.